پير ميان غلام نبي پنيل

پير، ميان غلام نبي ”پنيل“: پير ميان غلام نبي عرف ”پنيل“ ولد مخدوم محمد زمان، 25 آگسٽ 1852ع ۾ ڄائو. سنڌي، فارسي، اردو ۽ عربيءَ جو ڄاڻو هو ۽ هڪ خوش ڪلام شاعر پڻ هو. سندس ڪلام جو اڌ حصو گم ٿيل آهي ۽ باقي حصو توحيد ۽ تجليات جو آئينو آهي. سندس والد درگاهه غوث الحق حضرت مخدوم نوح جو ٻارهون ۽ سندس ڀاءُ مخدوم امين محمد تيرهون سجاده نشين هو. هن 17 آگسٽ 1887ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو